تازه ترين

پاڪستان، حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه جي قتل جي مذمت

- Advertisement -
پاڪستان، حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه جي قتل جي مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان، تهران ۾ حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه جي قتل جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو، پاڪستان دهشتگردي جي سمورين شڪلن جي مذمت ڪري ٿو جن ۾ اهڙا عدالت کان مٿانهان قتل به شامل آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان، حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه جي قتل جي مذمت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته هو اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ايراني صدر جي قسم کڻڻ جي موقعي تي نائب وزيراعظم سميت ڪيترن ئي پرڏيهي ملڪن جي معززن شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي اڳرائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو،  پاڪستان دهشتگردي جي سمورين شڪلن جي مذمت ڪري ٿو جن ۾ اهڙا عدالت کان مٿانهان قتل به شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اهڙيون ڪارروايون پهريان ئي عدم استحڪام جو شڪار خطي ۾ هڪ خطرناڪ اضافو آهي، اهڙي ڪارروائي امن جي ڪوششن کي نقصان پهچايو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون