گڏيل قومن ۽ عرب ليگ جي سهڪار کي مضبوط بڻائيو وڃي: پاڪستان

- Advertisement -
پاڪستان، گڏيل قومن ۽ عرب ليگ جي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي چيو ته يو اين ۽ عرب ليگ جي مضبوط رابطن سان عالمي چيلينجز حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان عرب دنيا سان تاريخي ۽ گھاٽن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. منير اڪرم چيو ته علائقائي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ عرب ليگ جي ڪوششن جي حمايتن ڪن ٿا، فلسطينين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، عرب ليگ فلسطين مسئلو حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جنگ بندي کانپوءِ والاريل اولهندي ڪناري خاص طور تي جنين ۾ اسرائيلي ڪاررواين کي ڏسي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون