- Advertisement -
پاڪستان، گڏيل قومن ۽ عرب ليگ جي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي چيو ته يو اين ۽ عرب ليگ جي مضبوط رابطن سان عالمي چيلينجز حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان عرب دنيا سان تاريخي ۽ گھاٽن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
منير اڪرم چيو ته علائقائي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ عرب ليگ جي ڪوششن جي حمايتن ڪن ٿا، فلسطينين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، عرب ليگ فلسطين مسئلو حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جنگ بندي کانپوءِ والاريل اولهندي ڪناري خاص طور تي جنين ۾ اسرائيلي ڪاررواين کي ڏسي رهيو آهي.- Advertisement -
