تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پاڪستاني سامونڊي فوج جي جنگي حڪمت عملي ڀارتي نيوي کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستاني سامونڊي فوج جي جنگي حڪمت عملي ڀارتي نيوي کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو. 50 جنگي جهازن ۽ اٺن نون جديد آبدوزن جو سوچي ڀارتي نيول چيف جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو. پاڪ چين دوستي سان گڏ  ترڪيه ۽ بنگلاديش وچ ۾  پاڪستان جا لاڳاپا به ڀارت جي اک ۾ کنڊو بڻجي ويا آهن. ڀارتي سامونڊي فوج جي ڏهاڙي کان پهريون پريس ڪانفرنس ۾ ڀارتي نيول چيف پاڪستاني سامونڊي فوج جي وڌندڙ صلاحيتن جو ذڪر ڪندو رهيو. ڀارتي سامونڊي فوج جي سربراهه دنيشل ٿرپاٺي چيو ته پاڪستاني سامونڊي فوج چين جي حمايت سان حيرت جوڳي ترقي ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارتي سامونڊي فوج پاڙيسرين جي خطرن کي منهن ڏيڻ  لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ تي مجبور آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني سامونڊي فوج جي حيران ڪندڙ ترقي ۽ چين سان سهڪار سان ڪيترن ئي جنگي جهازن جي تياري کان آگاهه آهن. ايڊمرل ترپاٺي چيو ته چين جو امدادي سهڪار ثابت ڪري ٿو ته  هو پاڪستان جي سامونڊي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون