پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هنڊريڊ انڊيڪس نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ٿيندي ئي نئون رڪارڊ جوڙي ورتو.

پاڪتان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن شروع کان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

هنڊريڊ انڊيڪس ڪاروباري ڏينهن جي شروع ۾ 513 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ پهريون ڀيرو 85 هزار 423 پوائنٽن جي بلند ترين سطح کان وڌي ويو.

ڪاروبار دوران هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 807 پوائنٽن جي واڌ ٿي چڪي آهي ۽ انڊيڪس 85 هزر 717 جي نئين سطح ڪراس ڪري چڪي آهي.

ڪاروبار دوران هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 807 پوائنٽس جي واڌ ٿي وئي آهي ۽ انڊيڪس 85 هزار 717 جي نئين سطح کان اڳتي نڪري وئي آهي.

هنڊريڊ انڊيڪس آڪٽوبر جي 6 ڪاروباري ڏينهن ۾ 4 هزار 6 سئو پوائنٽس وڌي ويو آهي.

گذريل ڏينهن انڊيڪس ڪاروباري ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو 85 هزار 47 بلند ترين سطح بڻائي ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو هنڊريڊ انڊيڪس 1378 پوائنٽس واڌ سان 84 هزار 910 تي بند ٿيو.

معاشي تجزينگارن موجب بازار جو رجحان مثبت آهي، آءِ ايم ايف معاهدي جي پهرين قسط به وصول ٿي وئي آهي.

جڏهن ته هاڻي پاڪستان هڪ سال لاءِ 3 ڏهائي 2 ارب ڊالرن جي پرڏيهي قرض، جنهن ۾ سعودي تيل جي سهولت بابت واعدا به شامل آهن، جنهن سبب مارڪيٽ جو رجحان ڪافي مثبت آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
33%
5m/s
7%
جمعو
29 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون