تازه ترين

پاڪستان افغان پناهگيرن جي گهڻي مهمان نوازي ڪئي هاڻي کين واپس وڃڻ گهرجي : مرتضيٰ جتوئي

- Advertisement -
اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته افغانستان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي ۽ اتي حالتون بهتر آهن ته افغان پناهگير واپس ڏيهه وڃن، پاڪستان افغان پناهگيرن جي گهڻي مهمان نوازي ڪئي هاڻي کين واپس وڃڻ گهرجي. لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران غلام مرتضيٰ جتوئي عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ڪيسن جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اين پي پي پي سربراهه چيو ته پاڪستان جي بقا صاف ۽ شفاف چونڊن ۾ آهي، مريم نواز ۽ پ پ وارن جي بيانن مان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ۾ اختلاف نظر اچن پيا. غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته اتحاد ۾ اختلاف ٿيندا آهن، ٻئي پاڻ ۾ اتحادي آهن نبري وٺندا، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي گڏجي هلڻو آهي ٻي صورت ۾ حڪومت نه هلندي. سندس چوڻ هو ته آغا سراج دراني پراڻو دوست ۽ خانداني لاڳاپا آهن، وڇوڙي تي افسوس ٿيو آهي. اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته افغانستان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي ۽ اتي حالتون بهتر آهن ته افغان پناهگير واپس ڏيهه وڃن، پاڪستان افغان پناهگيرن جي گهڻي مهمان نوازي ڪئي هاڻي کين واپس وڃڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
24 %
2.6kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون