تازه ترين

پاڪستان افغان ڌرتي تي دهشتگرد ٽولن خلاف تصديق جوڳي ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان افغان ڌرتي تي دهشتگرد ٽولن خلاف تصديق جوڳي ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد دوحا پهچي ويو آهي جيڪو افغان طالبان جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ دوحا ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڳالهين ۾ افغانستان جي ڌرتي تان ٿيندڙ دهشتگردي جي فوري خاتمي بابت ڳالهيون ٿينديون. شفقت علي خان چيو ته پاڪستان قطر جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته ڳالهيون خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم اڳڀرائي آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪنهن ڇڪتاڻ جو خواهشمند نه آهي، علاقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پرامن حل چاهي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان طالبان کي پنهنجي عالمي واعدن تي عمل ۽ پاڪستان جي سڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ گهرجي. شفقت علي خان چيو ته افغان طالبان ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي سميت ٻين دهشتگرد ٽولن خلاف تصديق جوڳي ڪارروائي ڪن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
16 %
4.2kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون