- Advertisement -
پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن تحت پاڪ فوج جي سهڪار سان 41هين نيشنل ايليٽ مينز ۽ 5هين وومين باڪسنگ چيمپيئن شپ شروع ٿي وئي آهي.
نيشنل ايلٽ باڪسنگ چيمپيئن شپ 2025 جو افتتاح برگيڊيئر سعد ياسين ۽ خاص مهمان راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر ڪيو
6 ڏينهن واري قومي مقابلن ۾ ڪي پي ٽي، سنڌ، پنجاب، بلوچستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ اسلام آباد جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.
باڪسنگ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان آرمي، پاڪستان نيوي، پاڪستان ايئر فورس، ريلوي، واپڊا، پوليس ۽ هائير ايجوڪيشن جون ٽيمون به حصو وٺنديون.
باڪسنگ چيمپيئن شپ ۾ 14 ٽيمن جا 140 مرد باڪسر 8 ايونٽس ۾ 112 عورت باڪسر حصو وٺي رهيا آهن.
مقابلا پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن ۽ ورلڊ باڪسنگ جي تجويز ڪيل ضابطن جي مطابق منعقد ڪيا پيا وڃن، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪراچي جو عوام پرجوش آهي.- Advertisement -
