- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پاڪستان جي بليسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت کان انڪار سندن پراڻي پاليسي آهي، امريڪا خطرناڪ هٿيارن جي پکيڙ کي هٿي ڏيندڙ نيٽ ورڪن خلاف ڪارروائي لاءِ پرعزم آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڪندي امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته هو ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان جي بليسٽڪ ميزائل پروگرام جي باري ۾ پنهنجي خدشن بابت واضع ۽ مستقل آهن.
امريڪي ترجمان چيو ته هو پنهنجي پابندين ۽ ٻين قدمن جو استعمال جاري رکندا ته جيئن سندن قومي سلامتي متاثر نه ٿئي.
ميٿو ملر موجب، امريڪا انهن نيٽورڪن خلاف ڪارروائي لاءِ پرعزم آهي جيڪي خطرناڪ هٿيارن جي پکيڙ کي هٿي ڏين ٿا.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر جو چيو ته امريڪا خطرناڪ هٿيارن جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.
امريڪي ترجمان لبنان پيچر ڌماڪن سان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بيروت پيچر ۾ امريڪا ملوث ناهي، ڪنهن به فوجي آپريشن ۾ شهرين حملن جو نشانو نه ٿيڻ گھرجن.
هن چيو ته ڌماڪن بابت معلومات گڏ ڪري رهيا آهن، هن وقت رد عمل نٿا ڏئي سگھن، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ وارن واقعن تي امريڪا کي ڳڻتي آهي.
امريڪي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن به ملڪ کي عام شهرين کي نشانو نه بڻائڻ گھرجي، اسرائيل ۽ حزب الله تڪرار جو سفارتي حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي، ايران ڪنهن واقعي جو فائدو وٺي ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪري.- Advertisement -
