- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري قومي تراني جي بي حرمتي تي افغانستان حڪومت کان پنهنجو سفارتي عملو واپس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪامران ٽسوري گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور کي افغان قونصل جنرل کي چوڻ گهربو هو ته اوهان سندس آفيس ۾ نه ويهو.
گورنر وڌيڪ چيو ته خبر ناهي افغان قونصل جنرل کي ذهني معذوري هئي يا جسماني؟ جيڪو پاڪستان جي عظمت کي نه ٿو مڃي، اهو افغانستان هليو وڃي.
ڪامران ٽسوري جو چوڻ هو ته 2040 جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي، پاڪستان کي اڳتي ڪيئڻ وڌڻو اهي ان معاملي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي 25 ڊسمبر تي گڏ ويهاريندا.- Advertisement -
