- Advertisement -
ميرپور خاص ۾ پي ايس 46 تي پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو آهي، اليڪشن ڪميشن واقعي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.
شهيد بينظير ڀٽو باءِ پاس وٽ پي ايس 46 تي اليڪشن وڙھندڙ پ پ اميدوار ذوالفقار علي شاھ جي گاڏي تي اڻڄاتل هٿياربندن سندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پ پ اميدوار ڪنڌ ۾ ڳولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد اسپتال نيو ويو.
اطلاع تي پيپپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ اسپتال پهچي ويو جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز جي نفري به واقعي واري هنڌ ۽ اسپتال پهتي.
هوڏانهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ذوالفقار شاهه جي گاڏي تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
اليڪشن ڪميشن هدايت ڪندي چيو ته امن خراب ڪندڙ شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.- Advertisement -
