تازه ترين

پاڪستان سدائين افغانستان جو ساٿ ڏنو پر اتان کين تڪليف ئي ملي: راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
ن ليگ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان سدائين افغانستان جو ساٿ ڏنو پر اتان کين تڪليف ئي ملي، سندن پاليسي واضح آهي ڪو حملو ڪندو ته جواب ڏنو ويندو، هو وڌيڪ پنهنجي پيارن جا مڙهه نٿا کڻي سگهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ن ليگ ڪنهن سياسي پارٽيءَ تي پابندي مڙهڻ جي حامي ناهي رهي، پنجاب حڪومت وفاق کي هڪ مذهبي پارٽيءَ تي پابندي جي درخواست ڪئي آهي، وفاقي سرڪار صوبائي حڪومت جي درخواست تي فيصلو ڪندي. هن چيو ته هڪ طرف سندن ماڻهو ماريا وڃن ۽ ٻئي پاسي ڳالهيون ٿين؟ سندن مطالبو اهو ئي آهي ته  دهشتگردي ڪارروايون بند ڪيون وڃن. راڻا ثناءُ الله چيو ته 40 ورهين کان دهشتگردن سان ڳالهيون ٿينديون پيون اچن پر نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ گــُـڊ ۽ بَيڊ طالبان واري ٿيوري بري طرح ناڪام ٿي آهي. ن ليگ سينيٽر چيو ته سندن پاليسي واضح آهي ته هو ڪنهن تي حملو نه ڪندا، پر جيڪڏهن مٿن ڪنهن ۾ حملو ته جواب ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25 ° C
25 °
25 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
24 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون