- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ احتجاج پرامن ٿيڻ گهرجن، پاڪستان حڪومت کي مظاهرين کي احترام سان منهن ڏيڻ گهرجي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڏيندي امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو ته هو دهشتگردي ۽ شدت پسندي خلاف جنگ ۾ جپ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن.
ميٿو ملر ٽرمپ جي نامزد ڪابينا ميمبرن کي ڌمڪيونملڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو.
سِک اڳواڻ جي قتل جي سازش بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارتي هم منصبن سان انهي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.
واضع رهي ته نومبر 2023 ۾ امريڪي انٽيليجنس ايجنسين سک اڳواڻ جي قتل جي سازش کي بي نقاب ڪيو هو.- Advertisement -
