- Advertisement -
آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته 20 جنوري جي حلف برداري تقريب کان اڳ يرغمالي آزاد نه ڪيا ويا ته وچ اوڀر کي جهنم ڀوڳڻو پوندو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهي ماڻهو جن انسانيت خلاف ظلم ڪيو، انهن کي قيمت ادا ڪرني پوندي.
انهن سڀني ذميوارن کي اهڙو سبق ڏنو ويندو، جيڪو آمريڪي تاريخ ۾ پهريان ڪڏهن به نه ڏنو ويو، يرغمالين کي بنادير آزاد ڪيو وڃي.
ٻئي پاسي ۾ يرغمالين بابت پنهنجي بيان ۾ حماس جو چوڻ هو ته غزه ۾ اسرائيل جي 14 مهينن جي جنگ ۾ 33 يرغمالي مارجي ويا ۽ ڪجهه لاپتا ٿي ويا آهن.
حماس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهيته اسرائيل کي يرغمالين جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي ڪري وٺي ان کان اڳ جو تمام گھڻي دير ٿي وڃي.
هوڏانهن امريڪي سلامتي جي صلاحڪار غزه ۾ سيز فائر ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ فوري ڊيل جي ترديد ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ جيڪ سليوان جو چوڻ هو ته وائٽ هائوس ۾ سيز فائر ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن پر اڃا تائين حتمي نتيجي تي ناهن پهتا.- Advertisement -
