تازه ترين

پاڪستان غزا ۽ لبنان لاءِ 13 هين امدادي کيپ رواني ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان غزا ۽ لبنان لاءِ 13 هين امدادي کيپ رواني ڪري ڇڏي، وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي امدادي کيپ رواني ڪئي پئي وڃي، حڪومت لبنان ۽ فلسطين جي جنگ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان امدادي سامان جي 13هين کيپ رواني ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته هڪ سئو ٽن امدادي سامان اماڻيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته امدادي سامان ۾ تنبو، ڪمبل ۽ ٻيون شيون شامل آهن، هڪ سئو امدادي سامان ۾ سياري لاءِ فيملي ٽينٽ ۽ گرم ڪمبل شامل آهن. وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته غزا لاءِ مال بردار هوائي جهاز عمان ۽ اردن پهچندو، پاڪستان فلسطيني ڀائرن لاءِ امدادي سامان جو سلسلو جاري رکندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون