تازه ترين

پاڪستان مان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو سلسلو شروع

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان مان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته 30 افغان خاندانن کي کڻي 16 ٽرڪون طورخم سرحدن تي پهتيون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي،  نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته غير قانوني پرڏيهين کي 31 آڪٽوبر تائين پاڪستان ڇڏڻو پوندو، غير قانوني پرڏيهين  جي گرفتاري ۽ ملڪ بدري يقيني بڻائي ويندي.

پاڪستان ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي واپس موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو جڏهن ته ساڍا ٽي سئو افغان شهرين کي کڻي 16 ٽرڪون طور خم بارڊر تي پهچي ويون.

ٽرڪن ۾ سوار ساڍا ٽي سئو ماڻهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، قانوني گھرجون پوريون ٿيڻ کانپوءِ کين افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي.

سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين خلاف ڪارروائي جاري آهن، اسلام آباد ۾ مارگلا ٽائون ڀرسان غيرقانوني افغان بستي ڊاهي پٽ ڪئي وئي.

ملڪ جي پنج وڏن جيلن ۾ ايف آءِ اي اميگريشن ڪائونٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رهائش جو ثبوت نه رکندڙ پرڏيهين کي جيل موڪليو ويندو جنهن بعد اميگريشن عملدار جيل مان ئي کين ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪندا، لاڳاپيل پوليس ۽ بارڊر ايريا پوليس کين سرحد پار ڪرائيندي.

افغان ڪمشنريٽ خيبرپختونخوا موجب، صوبي ۾ رجسٽر افغان مهاجرن جو انگ ڏهه لک آهي جڏهن ته سـَت لک 75 هزار افغاني غيرقانوني طريقي سان پاڪستان ۾ داخل ٿيا جن مان ٽي لک کان وڌيڪ اُهي افغان شهري آهن جيڪي طالبان حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان آيا.

خيبرپختونخوا ۾ هلندڙ سال 3 هزار 911 افغاني مختلف ڏوهن ۾ ملوث نڪتا.

بلوچستان ۾ ترسيل افغان شهرين جو انگ ساڍا اَٺ لک جي لڳ ڀڳ ٻڌايو  پئي وڃي، جن  مان اڍائي لک غيرقانوني طور ترسيل آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته غير قانوني پرڏيهين  جي گرفتاري ۽ ملڪ بدري يقيني بڻائي ويندي.

.

هن چيو ته غيرقانوني ترسيل پرڏيهين جي ملڪ ڇڏڻ واري مهلت جا رڳو 25 ڏينهن رهجي ويا آهن

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
19 %
3kmh
50 %
آچر
27 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون