وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ماڊرن ٽيڪنالاجي ذريعي اڳتي وڌي رهيو آهي، بوناراست پاڪستان ۽ عرب ملڪن وچ ۾ اهم قدم آهي، هاڻي عرب رياستن ذريعي پاڪستاني شهري سڌي نموني رقم منتقل ڪري سگهندا.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ بونا- راست منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اوورسيز پاڪستانين کي پئسا ڏيهه موڪلڻ لاءِ تيز، موثر ۽ گهٽ خرچ واري منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته بونا- راست پاڪستان جو پهريون ڪراس بارڊر مني ٽرانسفر سسٽم آهي، کيس خوشي آهي ته ان کي پاڪستان جي 77 هين آزادي جي موقعي تي شروع ڪيو ويو، هي منصوبو پاڪستان ۽ عرب ملڪن وچ ۾ هڪ وڏو قدم آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايف بي آر وڏي سڌاري جي مرحلي مان گذري رهيو آهي، ميلنڊا فائونڊيشن ۽ ميڪنزي ايف بي آر ۾ سڌارن لاءِ سهڪار ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته بونا- راست منصوبي سان مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، پراجيڪٽ پاڪستان جي ڊجيٽل پئسي جي منتقلي جي انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪندو، هاڻي عرب رياستن ذريعي پاڪستاني شهري سڌي نموني رقم منتقل ڪري سگهندا.
پاڪستان ماڊرن ٽيڪنالاجي ذريعي اڳتي وڌي رهيو آهي، بوناراست پاڪستان ۽ عرب ملڪن وچ ۾ اهم قدم آهي : وزيراعظم
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7
°
C
18.7
°
18.7
°
14%
1.3m/s
0%
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


