- Advertisement -
پاڪستان نئين سال جي شروعات تي اٺون ڀيرو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر بڻجي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پاڪستان هلندڙ سال جولاءِ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت به ڪندو.
پاڪستان داعش ۽ القاعده جهڙين تنظيمن تي پابندي لاڳو ڪندڙ سلامتي ڪائونسل جي ڪميٽيءَ ۾ به هڪ سيٽ حاصل ڪندو.
گذريل سال جون ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 193 ميمبرن مان 182 ميمبرن پاڪستان کي ايندڙ ٻن ورهين لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ ايشيا پيسفڪ جي ٻن سيٽن مان هڪ لاءِ چونڊيو هو.
پاڪستان کي اهو اعزاز اٺون ڀيرو حاصل ٿي رهيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل ميمبر ملڪن کي ويٽو پاور حاصل آهي.- Advertisement -
