- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي هميشه آزادي اظهار جي راءِ ۽ ميڊيا جي حقن جو احترام ڪيو آهي، ميڊيا معاشرتي سڌارن ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ بنيادي ڪردار ڪندا ڪندي آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان ملڪ جي ناليوارن ميڊيا اينڪرن جي مانَ ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
آجياڻي واري تقريب ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر، پ پ جي مرڪزي اڳواڻ نديم افضل چن، نيئر بخاري ۽ قمرالزمان ڪائرا شرڪت ڪئي.
ملڪ جا ناليوارا صحافي، تجزيڪار ۽ سڌ سماءَ جي ادارن کي پيش ايندڙ چئلينجن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
شرڪت ڪندڙن ميڊيا جي ڪردار، ذميواراڻي صحافت ۽ عوامي مسئلن کي هاڪاري اجاگر ڪرڻ بابت به پنهنجي راءَ جو اظهار ڪيو.
شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته آزاد، ذميوار ۽ مستحڪم ميڊيا ملڪ جي جمهوريت جي بقا لاءِ اڻٽر آهي.
پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر چيو ته آزاد ۽ ذميواراڻي ميڊيا ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنياد آهي، پيپلز پارٽي ميڊيا سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته شفاف معلومات ۽ عوامي آگاهي لاءِ سنڌ سرڪار هر ممڪن سهڪار جاري رکندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي هميشه آزادي اظهار جي راءِ ۽ ميڊيا جي حقن جو احترام ڪيو آهي، ميڊيا معاشرتي سڌارن ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ بنيادي ڪردار ڪندا ڪندي آهي.- Advertisement -
