تازه ترين

پاڪستان ڀارتي بچاءَ واري وزير جي بيان کي دهشتگرديءَ جو اعتراف قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان ڀارتي بچاءَ واري وزير جي بيان کي دهشتگرديءَ جو اعتراف قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ڀارتي بچاءَ واري وزير پاڪستاني شهرين جي قتل جو اعتراف ڪيو،  عالمي برادري کي غير قانوني قدمن تي ڀارت کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ڀارتي بچاءَ واري چڙڏياريندڙ بيان جي مذمت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته 25 جنوري 2024ع تي پاڪستان ڀارتي مداخلت جا تريد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت فراهم ڪيا، هي پاڪستان ۾ ڀارت جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل عام جي مهم جو واضح ثبوت آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت طرفانن وڌيڪ شهرين کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ واضح طور ڏوهه جو اعتراف آهي، عالمي برادري کي ڀارت جي هن ڪريل ۽ غيرقانوني قدم جو محاسبو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اڳرائي خلاف پنهنجي خودمختاري جي تحفظ لاءِ مڪمل پرعزم آهي، فيبروري 2019ع تي به ڀارت کي اڳرائي تي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو هو، هن قدم ڀارت جي فوجي سرسي جي کوکلي دعويٰ کي وائکو ڪيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي حڪمراني جو نظام چڙڏياريندڙ بيان بازي جو سهارو وٺي انتهائي قومپرستي جي جذبي کي هوا ڏيندو آهي، چونڊن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي طرح جون ڳالهيون ڪري ناجائز فائدو ورتو ويندو آهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اهڙي طرح جو غير ذميواراڻو ورتاءُ علاقائي امن کي نقصان پهچائي ٿو، پاڪستان هميشه خطي ۾ امن لاءِ پنهنجي عزم جو ثبوت ڏنو آهي، سندن امن جي خواهش کي غلط نه سمجهيو وڃي، تاريخ پاڪستان جي پختي عزم ۽ ڀرپور بچاءَ جي صلاحيت جي شاهد آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون