ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف سرگرمين ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
15%
3.5m/s
1%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون