- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ سان سيريز جو شيڊيول فائنل ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ايندڙ مهيني پاڪستان ايندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيو ٽيم 14 اپريل تي اسلام آباد پهچندي، پنج ميچن تي ٻڌل سيريز جون ميچز 18 کان 27 اپريل جي وچ ۾ ٿينديون، سيريز جون سڀئي ميچ راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون.
ذريعن موجب، سيريز جون شروعاتي ٽي ميچون راولپنڊي ۾ 18، 20 ۽ 21 اپريل تي ٿيندي جڏهن ته 25 ۽ 27 اپريل جون ميچون لاهور ۾ کيڏيون وينديون.- Advertisement -
