- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ لاهور کان دبئي پهچي وئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دبئي کان آئرلينڊ رواني ٿيندي، جتي ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
آئرلينڊ کان قومي ٽيم انگلينڊ ويندي، جتي چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
شاداب خان ۽ حسن علي آئرلينڊ ۾ قومي ٽيم کي جوائن ڪندا جڏهن ته فاسٽ بالر محمد عامر ويزا جاري ٿيڻ ۾ دير سبب بعد ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.
پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 10 مئي تي کيڏي ويندي.- Advertisement -
