- Advertisement -
پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ڪارروايون ڪري سوپاريون، گٽڪا ۽ پرڏيهي سگريٽ هٿ ڪري غيرقانوني طور پرڏيهي ويندڙن کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪوسٽ گارڊز پنهنجي انٽيليجنس ذريعن جي بنياد تي وندر وٽ چيڪنگ دوران ڪوئيٽا کان ڪراچي ايندڙ مسافر ڪوچ مان 5 هزار 490 ڪلو سوپاريون، 533 گٽڪا ۽ 591 پرڏيهي سگريٽ جا اسٽڪس هٿ ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ترجمان موجب، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز گوادر پنوان چيڪ پوسٽ تي مختلف مسافر ڪوچن مان 12 غير قانوني پرڏيهه ويندڙن کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار بنا ڪنهن قانوني دستاويزن جي غير قانوني طريقي سان پاڪستان کان ايران وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
ترجمان موجب، شروعاتي جاچ کانپوءِ گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ان عزم کي ورجايو ته ملڪ کي سمگلنگ جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.- Advertisement -
