تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

9 مئي جو حقيقي جوابدار ڪي پي جو وڏو وزير ٿي ويو آهي : فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي جو گورنر هائوس ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو وفاق ۽ خيبرپختونخوا وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو. سندس چوڻ هو ته  خيبرپختونخوا جو گورنر هائوس ڪنهن سازش جو حصو نه ٿيندو، ملڪ ۽ صوبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو. ڪي پي جي گورنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته  نااهلي ۽ نالائقي کي بيان بازي سان لڪائي نٿو سگهجي. هن چيو ته 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ کي سڀ کان پهريان سزا ڏني وڃي، 9 مئي جهڙو واقعو ڪو دشمن به نٿو ڪري سگهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ وارا غلطيون ڪرڻ کان پوءِ صفايون پيش ڪري رهيا  آهن، پي ٽي آءِ ٽوئٽ جي ذميواري  به نٿي ڪڻي  ۽ ڊليٽ به نٿي ڪري. هن چيو ته  ڪير ڪنهن کي ڪنهن به هنڌ وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي، علي امين گنڊاپور کي ڪا مجبوري آهي ته هو وٽس وڃڻ لاءِ تيار آهي. ڪي پي جي گورنر چيو ته هو  صوبي جي امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هرڪنهن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهي، ورڪنگ ريليشن بهتر بڻائي صوبي جا حق حاصل ڪري سگهجن ٿا. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي کي پرامن ۽ ترقي يافتا صوبو بڻائينداسين. ڪي پي جي گورنر جو چوڻ هو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون