- Advertisement -
قطري پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن.
قطري پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ بندي جو فيصلو دوحا ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران ٿيو.
قطري پرڏيهي وزارت موجب، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ بندي تي اتفاق قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي دوران ٿيو، ٻنهي ملڪن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ملاقاتون ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مستقل مڪينزم ٺاهڻ تي به اتفاق ڪيو.
قطري پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگ بندي خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪندي ۽ اميد آهي ته جنگ بندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ جو خاتمو ڪندي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن قطري انٽيليجنس چيف عبدالله بن محمد الخليفه جي ميزباني ۾ ٿيل ڳالهين جو پهريون دور قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ مڪمل ٿيو هو جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڪئي ۽ سڪيورٽي عملدارن سندس معاونت ڪئي.
ٻئي پاسي افغان وفد جي سربراهي وزير دفاع ملا محمد يعقوب ڪئي- Advertisement -
