- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ تڪرارن کي بهتر نموني حل ڪري سگهي ٿو، في الحال مداخلت ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
ملائيشيا جي راڄڌاني ڪولالمپور ۾ آسيان سمٽ کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ کيس لڳي ٿو ته هو مسئلي جي حل لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن کي سڃاڻي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته هو پاڪ افغان مسئلو جلد ۽ سٺي نموني حل ڪري وٺندا.
سندس چوڻ هو ته هو اٺن مهينن دوران اٺ جنگيون ختم ڪرائي چڪو آهي، ٻئي بهترين ماڻهو آهن، کيس ٻنهي مڪمل اعتماد آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس ڪو شڪ ناهي ته هو پاڪ افغان مسئلي جو جٽادار حل ڪڍي سگهن ٿا پر کيس في الحال ان لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سٺا ماڻهو آهن، کيس ٻنهي تي اعتماد آهي.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ امن معاهدي تي ملائيشيا ۾ صحيحون ڪيون ويون.
ڪوالالمپور ۾ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو سڄي دنيا ۾ امن جو خواهشمند آهي، کين جنگيون روڪرائڻ پسند آهن.
سندس چوڻ هو ته هن واپار ذريعي جنگ روڪرايون، هن وقت تائين 8 جنگيون روڪرائي چڪو آهي.
آمريڪي صدر چيو ته ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ امن معاهدي جي نگراني ڪندو، ٻنهي ملڪن ۾ امن معاهدي سان لکين جانيون بچي وينديون، هو ٿائلينڊ جي ملڪه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪري ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير عظيم شخصيتون آهن، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگ ٿي پر جلد بند ٿي وئي، سعودي عرب پاڪ افغان جنگ بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان موقعي تي ملائيشيا جي صدر انور ابراهيم چيو ته هو امن جي ڪوششن لاءِ آمريڪي صدر جا ٿورائتا آهن، غزا امن معاهدي تي ڀيٽا پيش ڪن ٿا…..- Advertisement -
