- Advertisement -
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد هاڪاري پيغامن جي ڏي وٺ ٿي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هاڪاري پيغامن جي تصديق ڪئي.
پاڪستان جي پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري رحيم حيات قريشي ايراني هم منصب سيد رسول موسوي کي جواب ڏنو ته اوهان جي جذبن جو جواب ڏيون ٿا پيارا ڀاءُ رسول موسوي.
پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري رحيم حيات قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ڀائپيوارا لاڳاپا آهن، هاڪاري ڳالهين ذريعي سمورن مسئلن جي حل لاءِ اڳتي وڌندا، دهشتگردي سميت گڏيل چئلينجن لاءِ اثرائتي ڪارروائي جي ضرورت آهي.
ايراني سفارتڪار چيو ته ٻنهي ملڪ جا اڳواڻ ۽ اعليٰ اختياريون ڄاڻڻ ٿا ته ته ڇڪتاڻ جو فائدو دشمنن ۽ دهشتگردن کي ٿيندو، اڄ مسلم دنيا جو اهم مسئلو غزه ۾ اسرائيلي فوج جو ظلم بند ڪرڻ آهي.- Advertisement -
