ڄامشورو : ايم نائن موٽر وي تي هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڊرائيور قتل

- Advertisement -
ڄامشوري ۾ ٽول پلازه ويجهو هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي ٽرالر جي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيورن پاران ايم نائن موٽر وي تي لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ٽول پلازه ويجهو ايم نائن موٽر وي تي هٿياربندن ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦرلٽ ڪئي. هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي ٽرالر جي ڊرائيور  اعجاز علي ولد يوسف کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڊرائيورن طرفان واقعي خلاف ايم نائن موٽروي تي لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافر سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي ٽرالر ڊرائيور کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري مارجي ويل ڊرائيور جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. پوليس اختيارين پهچي ڊرائيورن سان ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، ڊرائيورن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏيندي جوابدارن جي فوري گرفتاريءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر نوابشاهه کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته واقعو پيش آيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
58%
1.7m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون