پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن،جليل عباس جيلاني

spot_img
- Advertisement -

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، سي پيڪ جي نئين مرحلي ۾ زراعت ۽ ريلوي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، چين پاڪستان جو هڪ بهترين ۽ اعتماد وارو دوست آهي، چين سي پيڪ تحت ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي، افغانستان کي پنهنجي ڌرتي تي ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي جليل عباس جيلاني چيو ته سندن بنيادي هدف پاڪستان ۾ شفاف ۽ غير جانبداراڻي چونڊ ڪرائڻ آهي، معاشي مضبوطي سياسي استحڪام سان مشروط آهي.

سندس چوڻ هو ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌڻ سان ملڪ ۾ اضافو ٿيو، نار ملڪ پاڪستان جا وڏا ڀائيوار آهن.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته خاص سيڙپڪاري ڪائونسل تحت سيڙپڪارن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن،  پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ نار ملڪن سان معاهدا ٿيندا.

هن چيو ته سي پيڪ جي نئين مرحلي ۾ زراعت ۽ ريلوي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، چين پاڪستان جو هڪ بهترين ۽ اعتماد وارو دوست آهي.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته چين سي پيڪ تحت ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي، افغانستان کي پنهنجي ڌرتي تي ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
29%
1.4m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون