موري ويجهو شاخ کي 25 فوٽ گهارو لڳڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

spot_img
- Advertisement -

موري ويجهو شاخ کي 25 فوٽ گهارو لڳڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

ڪور شاخ کي پنجويهه فوٽ گھارو پئجي ويو.

شاخ کي گهارو لڳڻ سبب ڦٽي، ساريالو ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.

اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي کاتي جي ڪرپٽ عملي پاران پڇڙي جي آبادگارن کان لکين رپيا رشوت وٺي ھڪ ئي وقت گھڻو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب شاخ کي گھارو لڳو آھي.

هنن چيو ته بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود ايريگيشن انجنيئر طرفان ھن مھل تائين ڪوبه سهڪار ناھي ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گھاري بند ڪرائي فصل جو جائزو وٺي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
27%
2m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون