- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ عدل جي نظام تي سنگين سوال آهن، کين پنهنجي رَوَيَن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.
لاهور جي خانگي يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن مسئلي تي احتجاج ٿئي ته اهو قانون جي دائري ۾ ٿيڻ گهرجي، گورننس جي نظام بهتري آڻڻي پوندي.
هن چيو ته 10 هزار ارب رپيا ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي، ٽيڪس اوڳاڙيءَ جو نظام بهر ڪرڻو پوندو.
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هت اهو تاثر آهي ته جيڪڏهن اقتدار ۾ هجي ته ٺيڪ ۽ ٻاهر هجي ته سمورا ادارا خراب لڳندا آهن، ادارن مان فائدو نه ملي ته ماٽيلو بڻايو ويندو آهي، اهڙن رَوَين ۾ تبديلي جي سخت ضرورت آهي.
نگران وزيراعظم چيو ته ماحوليات جي قانون تي عمل ضروري آهي، اسلام آبا ۾ قانون موجب مظاهرو ڪندڙن کي روڪيو ويو، پٿراءُ يا حملي تي قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندوآهي.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪنهن کي ڪنهن جي حياتي کسڻ جو حق ناهي، رياست تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي.
نگران وزيراعظم چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، کين ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو……..- Advertisement -
