ڪراچيءَ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي:جاويد عالم اوڍو

- Advertisement -
ڪراچي پوليس جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، مختلف موقف رکندڙ ماڻهو هڪ هنڌ گڏ تي ٿين ته ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد عالم اوڍي چيو ته اسلام آباد ۾ شنگهائي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، هنن ٻنهي پارٽين کي درخواست ڪئي هئي ته ريلي يا احتجاج نه ڪيو وڃي. هن چيو ته چاهين ٿا ته شنگهائي ڪانفرنس دوران ڪو اڻوڻندڙ واقعو نه ٿيڻ گهرجي،  قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ جو امن کين عزيز آهي، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪراچي پوليس جاويد عالم اوڍي چيو ته ٽريفڪ رواني روان دوان آهي، پوليس جا جوان ۽ ليڊي ڪانسٽيبل هر وقت قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف منهن ڏيڻ لاءِ موجود آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
46%
2.1m/s
68%
خميس
26 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون