پاڪ فوج پاڪ افغان سرحد ذريعي مداخلت جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪ فوج پاڪ افغان سرحد ذريعي مداخلت جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ڪارروائي دوران خارجي ڪمانڊر سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خارجين جي هڪ ٽولي جي چرپر 29 ۽ 30 آڪٽوبر جي وچ واري رات سڪيورٽي فورسز پڪڙي ورتي، بروقت ڪارروائي ڪندي خارجين جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر موجب، فوجي ڪارروائي ۾ چار خارجي مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ اهم ڪمانڊر امجد عرف مزاحم به شامل آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خارجي ڪمانڊر امجد، خارجي نور ولي جو نائب ۽ ڀارتي ايجنٽ فتنه الخوارج جي رهبري شوريٰ جو سربراهه هو، امجد جي سر جي قيمت پنج ملين رهيا مقرر هئي. آءِ ايس پي آر موجب، امجد افغانستان ۾ رهي ڪري پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪيترين کي ڪاررواين ۾ ملوث رهيو، فتنه الخوارج جي قيادت افغانستان ۾ ويهي پاڪستان ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪري رهي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغان ڌرتي تان دهشتگرد ڪارروايون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اتي خارجين لاءِ محفوظ ٿاڪ آهن، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر افغان عبوري حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته افغان ڌرتي دهشتگرد جي استعمال کان روڪي وڃي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستاني سڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهن، علائقي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم باقي خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
29%
1.5m/s
0%
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون