- Advertisement -
لاڙڪاڻي جي عدالت اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن ۾ جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي سندس سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران اين پي پي سربراهه وڪيلسن سميت عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي سندس سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته سنڌ ۾ ايم اين اي هجي يا ڪو سردار، محفوظ ناهي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر نه ٿيڻ جو فائدو واپارين ۽ مڊل مين کي پهتو آهي، ڪراچي شهر تي ڪنهن هڪ ڪميونٽي نه پر سڀني جو حق آهي.
اين پي پي سربراهه چيو ته ڪيس ۾ ٻه شاهد ٿي ويا آهن، جاچ آفيسر کي واندڪائي ناهي جو ڪورٽ جي نوٽيس تي اچي، عدالت ايس ايس پي ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪيا، جاچ آفيسر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته اڄ عدالت جاچ آفيسر جي پگهار ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، اڄ جاچ آفيسر جو پنجين نوٽيس آهي تنهنڪري ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته هو غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس خاندان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪن ٿا، سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جو استحصال جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته جي ڊي اي ۽ ٻين پارٽين پاڻي معاملي تي بهترين موقف اختيار ڪيو جنهن سبب سي سي آءِ جي گڏجاڻي گهرائي ان کي وقتي طور تي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڊي جي اي اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي، امن امان، صحت ۽ تعليم جو مسئلو آهي، 2024 ۾ ڌانڌلي ذريعي غيرقانوني ۽ غيرآئيني اليڪشن ڪرائي وئي جنهن کي هو رد ٿا ڪن ۽ سندن جدوجهد جاري رهندي…..
- Advertisement -
