پاڪ چين دوستي رڳو نعرن تائين محدود ناهي، ٻنهي ملڪن جو مستقبل روشن آهي: مرتضيٰ سولنگي

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته  پاڪ چين دوستي رڳو نعرن تائين محدود ناهي، ٻنهي ملڪن جو مستقبل روشن آهي، سي پيڪ منصوبن سان مقامي ماڻهن جي زندگيءَ تي هاڪاري اثر  پيا آهن. چائنا ريڊيو انٽرنيشنل کي  انٽرويو ڏيندي مرتضِيٰ سولنگي چيو ته پاڪ چين لاڳاپا سدائين سدا بهار رهيا آهن، صدر شي جن پنگ سدائين انسانيت جي لازوال اصولن  کي هٿي ڏني. هن چيو ته ملڪ به ملڪ دنيا کان ڌار رهي ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اها هڪٻئي سان گڏجي ئي ممڪن آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽوِ کي دنيا قدر جي نظر سان ڏسي رهي آهي، وقت سان گڏ چيني صدر شي جن پنگ جي نظريي کي  وڌيڪ هٿي ملندي. نگران وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان ۾ ٿيندڙ ترقي تي چين ۽ چيني قيادت جا هو ٿورا مڃن ٿا، هن وقت سي پيڪ  تحت ڪيترن ئي شعبن تي ڪم ٿي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
29%
3m/s
2%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون