- Advertisement -
دريا خان مري ڀرسان ملڪيت جي معاملي تان ڀائرن سان جهيڙي دوران مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب پورهيت فوت ٿي ويو.
ڳوٺ محمد عثمان ڏاهريءَ ۾ ڀائرن سان ملڪيت جي معاملي تان منهن ماري دوران مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب وزير ڏاهري بيهوش ٿي ويو.
وارثن پورهيت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
فوتي جي پٽ جو چوڻ هو ته زمين جي معاملي تان چاچن ۽ سئوٽن سان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تان سندس والد وزير ڏاهري بيهوش ٿي ڪري پيو هو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويو.
پٽ جي فرياد تي پوليس مقتول جي ڀائرن يوسف علي ڏاھري ۽ يونس علي ڏاھري خلاف اين سي داخل ڪري ڇڏي.- Advertisement -
