پشاور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان بابت ڪيس جو لکت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پشاور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان بابت ڪيس جو لکت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ تي جاري ڪيو وڃي، چونڊ نشان تحت اليڪشن وڙهڻ جو به حق حاصل آهي، چونڊ نشان جي آئيني حق کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غيرقانوني آهي. پشاور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان بابت ڪيس جو 26 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلو جسٽس ارشد علي لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ تي جاري ڪيو وڃي. پشاور هائيڪورٽ فيصلي ۾ لکيو آهي ته تحريڪ انصاف چونڊ نشان جي به حقدار آهي، تفصيلي فيصلو وڌيڪ سببن ۽ وضاحت سان بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. عدالتي فيصلي موجب، عدالت پاڻ کي ٻن سوالن تائين محدود رکيو، پهريون سوال اهو ڪيو پشاور هائيڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي جوڳو آهي؟، ٻيو سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ انٽرا پارٽي اليڪشن تي فيصلي جو اختيار آهي؟. فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ اسلام هائيڪورٽ سان گڏ پشاور هائيڪورٽ کي به ڪيس ٻڌڻ جو اختيار آهي جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 209 موجب اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار ناهي. پشاور هائيڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته سياسي پارٽي ٺاهڻ پاڪستان جي هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ سياسي پارٽين کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ گهرجي. جاري ڪيل فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن پشاور ۾ ٿي ۽ اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ به آهي،  اليڪشن ڪميشن جو 22 ڊسمبر وارو فيصلو غيرقانوني آهي. پشاور هائيڪورٽ 10 جنوري تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
1 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50%
4.3m/s
12%
خميس
24 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون