- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ جي ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي وئي آهي.
موري شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد 10 ميٽرن تائين رهجي وئي آهي،جنهن سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي.
پڊعيدن ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ۽ نظر جي حد گهٽجي وئي آهي، جنهن سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
شاهپور جهانيان ۽ ڀرپاسي ۾ ٻن هفتن کان ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، ٿڌ ۾ واڌ سبب ماڻهو کنگهه ۽ زڪام ۾مبتلا ٿي ويا آهن.
جمال شاهه ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪارونهوار ٺپ ٿي ويو آهي.- Advertisement -
