- Advertisement -
پشاور هائيڪورٽ نئين وڏي وزير کي قسم کڻائڻ لاءِ گورنر ڪي پي جي موجودگي معلوم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
خيبرپختونخوا جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي کي قسم کڻائڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ڪئي.
عدالت ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت طرفان حڪم ڏنو ويو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل نئين وڏي وزير کي قسم کڻائڻ لاءِ گورنر ڪي پي جي موجودگي معلوم ڪري.
عدالتي حڪم موجب، ايڊيشنل اٽارني جنرل سڀاڻي هڪ وڳي کان پهريان عدالت کي فيصل ڪريم ڪنڊي جي موجودگي بابت آگاهه ڪري.
حڪم نامي ۾ لکيو ويو آهي ته درخواست صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين ميمبرن آرٽيڪل 255 تحت داخل ڪئي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي ته اسپيڪر يا ڪنهن ٻئي کي قسم کڻائڻ لاءِ نامزد ڪيو وڃي.- Advertisement -
