تازه ترين

جميعت علماءَ اسلام خيبرپختونخوا جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي جي چونڊ کي چئلينج ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
جميعت علماءَ اسلام خيبرپختونخوا جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي جي چونڊ کي چئلينج ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ جي صوبائي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر لطف رحمان، بئريسٽر ياسين رضا ذريعي پشاور هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وڏي وزير جي استعيفيٰ اڃا منظور ناهي ٿي، ٻئي وڏي وزير جي چونڊ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي، علي امين گنڊاپور کي 15 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني آهي، ڪالعدم قرار ڏني وڃي. ان کان اڳ صوبائي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر لطف رحمان چيو ته وڏي وزير جي چونڊ غيرقانوني طور ٿي آهي، وڏي وزير جي استعيفيٰ اڃا منظور ناهي ٿي، گورنر کيس تصديق لاءِ گهرايو آهي. سندس چوڻ هو ته خبر ناهي هنن کي ڪهڙي جلدي آهي، نئين وڏي وزير جي اچڻ تائين پراڻو وڏو وزير ڪم ڪري سگهي ٿو. لطف رحمان چيو ته اسپيڪر جي چوڻ تي هنن ڪاغذ جمع ڪرايا پر اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، گورنر جو خط تڏهن آيو جڏهن کين خبر پئي ته استعيفيٰ منظور ئي ناهي ٿي. هن چيو ته هو چاهن ٿا ته علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ منظور ٿئي بعد ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ ٿئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون