تازه ترين

پشاور هائيڪورٽ نئين وڏي وزير کي قسم کڻائڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

- Advertisement -
پشاور هائيڪورٽ نئين وڏي وزير کي قسم کڻائڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پشاور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس ايس ايم عتيق شاهه جي سربراهي ۾ خيبرپختونخوا جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي کي قسم کڻائڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گورنر سرڪاري دوري تي ويل آهي هو سڀاڻي واپس ايندو. چيف جسٽس چيو ته گورنر قسم کڻائڻ بابت ڇا چيو؟، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گورنر ڪي پي، استعيفيٰ جي منظوري لاءِ علي امين گنڊاپور کي گهرايو آهي. عدالت سوال ڪيو ته اوهان اهو ٻڌايو ته گورنر قسم کڻائڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي يا نه؟، اٽارني جنرل جواب ڏنو ته گورنر کي اچڻ ڏيو، هو فيصلو ڪندو، گورنر، عامر جاويد کي دليلن لاءِ نامزد ڪيو آهي. ايڊووڪيٽ عامر جاويد عدالت کي ٻڌايو ته گورنر ڪي پي لاءِ انتظار ڪريو، سڀاڻي تائين هو اچي ويندو ته سڀ ٿي ويندو، نئين وڏي وزير جي اچڻ تائين پراڻو وڏو وزير آفيس هلائيندو. عدالت چيو ته اهو ته تڏهن ٿيندو جڏهن اليڪشن نه ٿيندي، هتي ته چونڊ ٿي آهي، ٻين پارٽين به وڏي وزير جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. عامر جاويد چيو ته سڀاڻي گورنر جڏهن ايندو ته ٿي سگهي ٿو هو استعيفيٰ منظور ڪري ۽ قسم کڻائي، حڪومت وٽ جهاز به آهي، جيڪڏهن جلدي آهي ته جهاز اماڻيو هو رات اچي ويندو. عدالت چيو ته ڇا گورنر پبلڪ اڏام تي ايندو آهي، ايڊووڪيٽ عامر جاويد ٻڌايو ته جي گورنر پبلڪ فلائٽ تي سفر ڪندو آهي. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
44 %
2.1kmh
3 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون