پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ واري ڳالهه سنڌ لاءِ به چئي سگھجي ٿي: خواجا آصف

spot_img
- Advertisement -

بچاءَ واري اڳوڻي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پنجاب ۾ ليو پلئينگ فيلڊ واري ڳالهه سنڌ لاءِ به چئي سگهجي ٿي، ٻڌو آهي ته  سنڌ جو وڏو وزير هر ڪم پ پ قيادت کان پڇي ڪندو آهي، گڏ هلڻ واري آصف زرداريءَ جي خواهش جو احترام ڪن ٿا.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته نگران حڪومت جو ن ليگ سان ڪو به تعلق ناهي.

هن چيو ته پندرهن مهينن دوران اتحادي حڪومت ۾ هو سهڻي نموني گڏ هليا، سندس خواهش آهي  ته پ پ سان اتحاديءَ طور گڏجي اليڪشن وڙهي وڃي.

خواجه آصف چيو ته پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ واريون ڳالهيون ٻڌل سڌل آهي، انهن تي يقين نه ڪرڻ گهرجي، هنن به ٻڌو آهي ته سنڌ ۾  مقرريون پ پ جي مرضيءَ سان  ٿينديون آهن.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته فيلڊ اڃا تيار ئي ناهي ٿي ته ليول ڪٿان ٿيندي، گڏ هلڻ واري آصف زرداريءَ جي خواهش جو هو احترام ڪن ٿا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون