- Advertisement -
پني عاقل ويجهو پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ آهي ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جي سانول سـُکاڻي طور ٿي آهي.
هن چيو ته سانول سـُکاڻي رحيم يار خان، راجنپور، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ سکر ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو.
ايس ايس پي سکر عرفان سمون چيو ته جانو انڍڙ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ سندس ٽولو سانول سـُکاڻي هلائيندو هو.
هن چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل جو ڪرمنل رڪارڊ گهرايو پيو وڃي.
ايس ايس پي سکر عرفان سمون چيو ته مارجي ويل ڏوهاري سانول سـُکاڻي 11 پوليس جوانن جي شهادت ۾ به ملوث هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
