تازه ترين

پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي گهٽتائي جو امڪان

- Advertisement -
پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 5 ڊالر في بيرل گهٽتائي ٿي آهي جنهن بعد پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي. ايندڙ مهيني پيٽرول جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا في لٽر گهٽتائي جو امڪان آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ به 10 کان 16 رپيا في لٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن موجب، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ به پهرين نومبر کان گهٽتائي ٿيندي ۽ ان حوالي سان اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن جو شروعاتي مسودو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي قطعي سمري 31 آڪٽوبر تي پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ويندي. سمري ۾ پيٽروليم ۽ ناڻي واري وزارت ڦير ڦار ڪري وزيراعظم کي اماڻي ٿيندي جنهن بعد نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ قطعي قيمتن جو فيصلو ڪندو. 16 آڪٽوبر تي پيٽرول جي قيمت ۾ 40 رپيا في لٽر گهٽتائي ٿي هئي جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ به 15 رپيا في لٽر گهٽتائي ٿي هئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
31 %
3.8kmh
1 %
ڇنڇر
23 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °

تازه ترين خبرون