- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته هو پورهيتن کي دل سان ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پورهيت قومي ترقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات اڻٿڪ محنت ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته پ پ شهيد بي بي جي ويزن موجب پورهيتن جي حقن لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.
صوبائي وزير چيو ته، پ پ مزدورن جي منصفاڻي اجوري ۽ ملازمت جي حفاظت لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن.
هن چيو ته سنڌ حڪومت سڌارن واري پروگرام تحت پورهيت جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32 هزار مقرر ڪئي ۽ ليبر قانون ۾ سڌارا شروع ڪيا.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پاران ورڪرز ويلفيئر بورڊ تحت مزدورن لاءِ صحت ۽ ڊيٿ گرانٽس، سندن نياڻين لاءِ ڏاج جو بندوبست ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته پورهيتن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ ليبر ڪالونيون قائم ڪرڻ جو ڪريڊٽ به پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت کي وڃي ٿو.
صوبائي وزير چيوت ه چائلڊ ليبر ۽ بانڊيڊ ليبر جو خاتمو، عورتن ۽ خاص ماڻهن لاءِ قانون سازي پيپلز پارٽي جون ڪاميابيون آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صنعتي پورهيتن جي برابر حق ڏيڻ لاءِ گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت سماجي انصاف ۽ برابري جي اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ تي پختو يقن رکي ٿي.
صوبائي وزير چيو ته مزدورن جو ڏهاڙو نه رڳو پورهيتن جي قربانين کي اجاگر ڪري ٿو پر انهن جي حقن ۽ ڀلائي جي اهميت کي به اجاگر ڪري ٿو.
شرجيل ميمڻ چيو ته اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، جتي هر پورهيت کي باوقار زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجي….- Advertisement -
