- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ گرمي جي شدت وڌي وئي، موسميات کاتي ايندڙ ٽي ڏينهن شهر ۾ سخت گرميءَ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ ٽن ڏينهن تائين گرميءَ جي لهر جاري رهندي، شهر ۾ گرمي پد 30 سينٽي گريڊ آهي، وڌ کان وڌ 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهن.
بيان موجب هوا ۾ گهم جو تناسب 9 سيڪڙو آهي، اتر اولهه کان 9 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هوائون گهلي رهيون آهن، شهر جو فضائي معيار خراب آهي.
هوڏانهن ڪراچيءَ دنيا جي فضائي طور گدلن شهرن ۾ ٽئين ۽ پاڪستان ۾ پهرين نمبر تي آهي.
ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب هوا ۾ خراب ذرن جو مقدار 161 پريٽيڪيوليٽ ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو…………- Advertisement -
