- Advertisement -
پير جو ڳوٺ لڳ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿيل گهرڌڻي گل بيگ بروهي به خيرپور اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو
هڪ خاندان جي فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب گل بيگ بروهي سميت 12 گهرڀاتي بيهوش ٿي ويا هئا، جن مان 11 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته بيهوش ٿيل گل بيگ بروهي به خيرپور اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
سمورو خاندان ختم ٿيڻ باوجود سرڪاري سطح تي سندن پونيئرن جي ڪا به واهر نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي سندن فوت ٿيڻ بابت ڪا ڄاڻ ملي سگهي آهي.
واقعي بعد فوتين جا وارث ۽ علائقي واسي ڏک ۾ ورتل آهن.
فوتي گل بيگ بروهي جو مڙھ خيرپور اسپتال مان سندس گهر آندو ويو.- Advertisement -
