تازه ترين

پيپلزپارٽيءَ 5 جولاءِ تي جمهوريت مٿان راتاهو هڻن خلاف سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ 5 جولاءِ تي جمهوريت مٿان راتاهو هڻن خلاف سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پيپلزپارٽيءَ طرفان 5 جولاءِ 1977ع تي آمر ضياءَ الحق طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف جمعي تي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾  ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل ارڙهين ترميم ذريعي آئين مان ففٽي ايٽ ٽو بي جو  خاتمي ذريعي جاري آهي. نثار کهڙي چيو ته ارڙهين ترميم ذريعي 58 ٽوبي جو خاتمو ڪري  جمهوري حڪمت کي گهر موڪلڻ وارو رستو سدائين لاءِ بند ڪيو ويو. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته ارڙهين ترميم آئين ٽوڙيندڙن کي آرٽيڪل 6 جو ڏوهي قرار ڏنو ويو. نثار کهڙي چيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل جمهوريت جي تسلسل ۽ پارليامينٽ توڙي آئين جي بالادستي ۾ آهي، سمورا ادارا  پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم  ڪن……………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
11 %
3.1kmh
2 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون