تازه ترين

چئلينج گڏيل آهن، گڏجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته چئلينج گڏيل آهن، گڏجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، افغانستان دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻي ته جيئن سندس ڌرتي ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي، افغانستان ۾ جٽادار امن سندن گڏيل حدف آهي، افغانستان جي عبوري حڪومت سان نتيجو  ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، غزا ۾ غير مشروط جنگبندي ڪئي وڃي. قازقستان جي گاديءَ واري شهر آستانه ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته سندن چئلينج گڏيل آهي، گڏجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ايس سي او ترقياتي منصوبن لاءِ متبادل فنڊنگ جو طريقيڪار تيار ڪري. شهبازشريف چيو ته خطي جي روشن مسقتبل لاءِ جاگرافيائي ۽ سياسي اڳرائيءَ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو، پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ پوزيشن جي حساب سان واپار لاءِ اهم رستو آهي، سي پيڪ ذريعي هو ترقي ۽ خوشحالي جي منزل  حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته افغانستان دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻي ته جيئن سندس ڌرتي ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي، رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وڃي. هن چيو ته افغانستان ۾ جٽادار امن سندن گڏيل حدف آهي، افغانستان جي عبوري حڪومت سان نتيجو  ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا ۽ لسانيت خلاف آواز اٿارڻو پوندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جا ٺهراءَ مسئلن جي حل لاءِ مووجد آهن. شهبازشريف چيو ته غزا ۾ اسرائيلي ظلم جاري آهن، فوري طور غزا ۾ غير مشروط جنگبندي ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ايس سي او سربراهه حڪومت جي اجلاس جي ميزبناي ڪندو. ان کان اڳ وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آستانه ۾ انڊيپڊنس پيلس پهتو، جتي قازقستان جي صدر قاسم جومارت سندس آجيان ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
11 %
3.1kmh
2 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون